ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) بلاول هائوس ويجهو سيف سٽي پروجيڪٽ جي ڪيمرائن لاءِ لڳل هڪ ڊسٽريبيوشن باڪس چوري ٿي ويو آهي.
ڊائريڪٽر جنرل سيف سٽي پروجيڪٽ آصف اعجاز شيخ ان جي تصديق ڪندي چيو ته سيف سٽي ڪيمرائن سان ڳنڍيل ڊي بي باڪس بلاول هائوس چورنگي جي ويجهو چوري ٿي ويو آهي، جنهن کان پوءِ ڪيمرا بند ڪري پول تان هٽائي ڇڏيا ويا آهن.هن چيو ته ڊسٽريبيوشن باڪس ۾ لکين رپين جو سامان آهي، ۽ اهي اهو به ڄاڻ وٺي رهيا آهن ته چوري ٿيڻ وقت الارم ڇو نه وڄيو. ياد رهي ته چوري جو مٿي ذڪر ڪيل واقعو اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن ڪراچي ۾ فيس ليس ٽڪيٽنگ سسٽم تحت ٽريفڪ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي اي چالان جاري ڪيا پيا وڃن. بلاول هائوس ويجهو مصروف ترين چورنگي تي ڪيمرائن جي ڊسٽريبيوشن باڪس جي چوري جو واقعو حيران ڪندڙ آهي.










