ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي کارادر علائقي ۾ عيد جي ٽئين ڏينهن 20 ملين رپين کان وڌيڪ جي چوري ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار شڪيل کان 15.75 ملين رپيا هٿ ڪيا ويا آهن.پوليس جو چوڻ آهي ته محمد زوهيب نالي هڪ واپاري جي گودام مان 20 ملين رپين کان وڌيڪ جي چوري ڪئي وئي.










