ڏهرڪي ( رپورٽ منظور لغاري)رحيم يار خان هني ٽريپ ذريعي چار کُوجي ماڻهن کي منصوبابندي تحت سنڌ گهرايو ويو ۽ اغوا ڪيو ويو. واقعي جو ايف آءِ آر ٿاڻي سٽي صادق آباد ۾ داخل ڪيو ويو آهي۔مغوين جي آخري لوڪيشن ضلع ڪشمور (سنڌ) ۾ ٽريس ڪئي وئي آهي۔ڊي پي او رحيم يار خان جي هدايت تي مغوين جي باحفاظت بازيابي لاءِ انتهائي سنجيده، مربوط ۽ لڳاتار قدم کنيا پيا وڃن۔ پنجاب پوليس ۽ سنڌ پوليس جي وچ ۾ مسلسل رابطو برقرار آهي ۽ گڏيل حڪمت عملي تحت اغوا ۾ ملوث عناصـر خلاف ڪارروائي جاري آهي مغوين کي جلدي کان جلدي باحفاظت بازياب ڪرائڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي، ۽ ان مقصد لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن۔










