ليکڪ ابراهيم لاشاري
پنھنجي ڌرتيءَ منجھ شاعرن جي ڪا ڪمي ناھي سکر شھر کي اعزاز حاصل رھيو آھي جنھن وقت بہ وقت سھڻن تخليقڪارن کي جنم ڏنو آهي اھڙن شخصيتن منجھان سنڌي غزل کي نئين سڃاڻپ ڏيندڙ اياز گل وٽ، لفظن جو ڳاڻيٽو به آهي ته شاعري جي کيتر ۾ وسيع تجربو ۽ مشاهدو پڻ آهي. سندس شاعريءَ ۾ زندگيءَ جو هر رنگ پسجي ٿو.
سنڌي ٻوليءَ جو نمائنده شاعر، جنهن جو پورو نالو اياز علي ولد رجب علي دل آهي، هُن سکر شهر منجھ جمعي جي ڀلاري ڏينهن 6 مارچ 1959ع تي اکيون کوليون، کيس ننڍي وھي کان ئي علم ادب سان چاھ شگف رهيو، پاڻ ادبي دنيا ۾ ( اياز گل )جي نالي سان مشهور آهي. هن 1980ع ۾ ايم. اي (سنڌي ادب) ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪري ڊگري ورتائين. سال 1981ع ۾ ايم. اي (بين الاقوامي تعلقات) ۾ ڪري ترت وري قانون جي اعلي ڊگري ( ايل. ايل. بي) پڻ ڪري ورتائين . سنڌ جو ھي گھڻگھريو شاعر اياز گل نوجوانن ۾ مقبول شاعر آهي، پاڻ سال 1971ع کان شاگردي واري زماني کان شاعري واري ڪرت پنھنجي من جو اظھار ڪندي نظر اچي ٿو، سندس پهريون شعر 1973ع ۾ ڪراچيءَ مان نڪرندڙ ”اديُون“ رسالي ۾ ڇپجي پڙهندڙن آڏو پهتو ان زماني کان وٺي ھن وقت تائين شاعريءَ واري دلچسپ غزل واري صنف سان ڪمال جو نڀاءُ ڪندي سنڌي ادب کي آسودو ڪندي نظر اچي ٿو . هيل تائين ٻين ڪتابن کان علاوه سندس 6 شعري مجموعا ڇپجي چڪا آهن. سنڌ جي ھن حساس طبيعت جي شاعر ٻاراڻي ادب ۾ پڻ نالو نمايان رهيو آهي. هُو سٺو فوٽوگرافر پڻ آهي، موسيقيءَ سان گھري دلچسپي اٿس. سندس گهر ۾ آڊيو، وڊيو ڪئسيٽن ۽ تصويرن جي لائبريري پڻ سينگاريل نظر اچي ٿي.
اياز گل 1996ع کان 1998ع تائين سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو. ان کان علاوه کيس مختلف انتظامي ۽ اعزازي ذميواريون پڻ مليون آهن، اياز گل ميمبر سينيٽ، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور 2003ع کان . ميمبر سينڊيڪيٽ، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور (2009-2006)، ميمبر بورڊ آف گورنرس، تعليمي بورڊ، سکر پڻ رھي چڪو آهي، ميمبر بورڊ آف گورنرس سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو (08-2007)، سيڪريٽري ۽ ميمبر بورڊ آف اسٽڊيز (سنڌي)، شاهه عبداللطيف، يونيورسٽي ، ميمبر صلاحڪاري بورڊ، شيخ اياز چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، انچارج ’تنوير عباسي‘ چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ، ميمبر بيدل يادگار ڪاميٽي، روهڙي / سکر، جنرل سيڪريٽري سکر هسٽاريڪل، سوسائٽي سن به رهيو.
هن فقير منش ۽ دريا دل شاعر کي مڃتا طور ڪافي ايوارڊ به مليا آهن. اياز گل کي مڃتا طور ڪيترائي ايوارڊ ، شيلڊون ۽ ميڊل پڻ مليا آهن. سندس کي صدارتي ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو آھي ، گولڊ ميڊل (ايم. اي، سنڌي ادب )۾ پهرين پوزيشن تي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي مان) 1980ع، -انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي- جي طرفان ايوارڊ (ڪتاب ’سوچون سرها گل‘ تي) 1978ع، ينگ رائيٽرس گلڊ اوارڊ (ڪتاب ’گل ۽ تارا‘ تي) 1979ع، سِگا طرفان گولڊ ميڊل (ڪتاب. ’ڏينهن ڏٺي جا سپنا‘ تي) 1992ع، -استاد بخاري- سنگت ايوارڊ (ڪتاب: ’توبن ڪهڙا ڇانورا‘ تي) 1992ع، اڪيڊمي آف ليٽرس طرفان شاهه لطيف ايوارڊ (ڪتاب: ’دک جي نه پڄاڻيءَ‘ تي)1997ع، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ايوارڊ (ڪتاب: ’دک جي نه پڄاڻيءَ‘ تي) 1997ع، سچل سرمست ايوارڊ (سچل يادگار ڪاميٽي طرفان) 1997ع ۽ 2000ع، تيرهون اسٽار ايوارڊ (سائوٿ ايشيا پبليڪيشن طرفان) 2003ع، پي. ٽي. وي طرفان (بهترين شاعر جو ايوارڊ) 2000ع ۽ 2001ع، ’شيخ -اياز-‘ شيلڊ (حسن ڪاڪردگيءَ تي) 2002ع. ۽ ٻيون شيلڊو شامل آهن.
اياز گل ڪجهه عرصو ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ سان گڏ سچل چيئر ۾ به ڪم ڪيو. سنڌي شعبي، شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي مخزن ”ڀٽائي“ جو ايڊيٽر ۽ معاون به رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت جي رسالي ”سنگت“ جو بنياد وڌائين. سندس ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي: 1. سوچون سرها گل (تاج جويي سان گڏ شاعري) 1978ع، 2. گل ۽ تارا (ٻارن لاءِ شاعري) 1979ع، 3. پِيلا گل پلاند ۾ (غزل) 1980ع، 4. ڏينهن ڏٺي جا سپنا (شاعري) 1984ع، 5. توبن ڪهڙا ڇانورا (شاعري) 1992ع، 6. دک جي نه پڄاڻي آ (شاعري) 1997ع، 7. سکر جون يادگيريون (سهيڙيل ۽ ايڊٽ ڪيل) 2001ع، 8. پوان شل قبول (تنوير عباسيءَ تي لکيل مقالن جي ترتيب) 2006ع، 9. روشن آسانجهي (ايڊيٽنگ ۽ ترتيب) 2008ع.
جڏهن سندس تازو ڪتاب (خواب کان حقيقت تائين جو سفر) ڇپجي پڙهندڙن جي ھٿ تائين پھتو آھي . ان ڪتاب جو انگريزي زبان منجھ شاعريءَ ترجمو The Exiled Memories پڻ ٿي چُڪو آھي هُن جي شاعريءَ جا غزل، وايون ۽ گيت سنڌ جي مختلف فنڪارن جھڙوڪ عابده پروين، صادق فقير، سرمد سنڌيءَ، برڪت ڀٽ، ثمينه ڪنول، شازيه خشڪ ۽ رحمت ميرالي سميت سنڌ جي مشهور فنڪارن ڳائي داد ماڻيو. سنڌ جو ھي شاعر سال 30مارچ 1989ع ڌاري شادي جي ٻنڌڻن منجھ ٻڌجي ويو. اياز گل پنهنجي شريڪ حيات، ’مستور بخاري‘ ۽ پٽ نامور ’پرين اياز‘ سان گڏ سکر ۾ رهائش پذير آهي. مستور بخاري، پاڻ ليکڪا ۽ آرڪيالاجي شعبي سان لاڳاپيل آهي. پنھنجي ڌرتيءَ جو ھي سونھن ڀريو شاعر ،اديب پنھنجو 63 جنم ڏينهن ملهائڻ لاءِ سالگره جو ڪيڪ ڪٽيندو منهنجي ھن پيار ڀري شاعر لاءِ دعائون تہ ھو شاعريءَ واري صنف سان سنڌي ادب کي سونھن بخشيندو رھي . پنھنجي زباني پاڻ چوي ٿو ته. ’ڏسندي ڏسندي پوڙھا ٿي ويا، خواب اکين جا ڳوڙها ٿي ويا‘ ماڻھو دل ڏي ايندڙ ويندڙ ، رستا ڪيڏا سوڙھا ٿي ويا ، خواب اکين جا ڳوڙها ٿي ويا.










