ڌمڪين واري ڪيس ۾ سهيل آفريدي اليڪشن ڪميشن ۾ پيش

ڌمڪين واري ڪيس ۾ سهيل آفريدي اليڪشن ڪميشن ۾ پيش

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير سهيل آفريدي ضمني چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن عملي کي ڌمڪين جي ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿي ويو.چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجه جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ وزيراعليٰ سهيل آفريدي جي خلاف ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ۽ اليڪشن عملي کي ڌمڪين جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.اليڪشن ڪميشن گذريل ٻڌڻي تي سهيل آفريدي کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو هو جنهن تي اڄ وزيراعليٰ سهيل آفريدي اليڪشن ڪميشن جي سامهون پيش ٿيو جڏهن ته سندس وڪيل علي بخاري به ساڻس گڏ هو.ٻڌڻي دوران وڪيل علي بخاري چيو ته اين اي 18 بابت 2 کان 3 درخواستون ٻيون آهن انهن کي به گڏ ڪري وٺو جنهن تي اسپيشل سيڪريٽري لا چيو ته انهي ڪيس کي ڌار ڏٺو وڃي.اسپيشل سيڪريٽري لا دليل ڏنا ته ڪميشن وٽ اختيار آهن ته انهي جي هدايت تي عمل نه ٿيڻ تي ايڪشن کڻي سگهي ٿو. اليڪشن ايڪٽ ۽ آئين موجب هن ڪيس تي ڪارروائي ڪئي وڃي، انهي تي جوابده آهيون، ميرٽ تي جواب ڏئي ڇڏيو، مان ڪميشن جي معاونت ڪندس.اسپيشل سيڪريٽري لا چيو ته مانيٽرنگ آفيسر جي رپورٽ موجب اها قانون جي ڀڃڪڙي ۽ اليڪشن ڪميشن جي هدايت تي عمل نه ڪرڻ جي برابر آهي. علي بخاري چيو ته جڏهن منهنجي درخواست تي شنوائي ٿيندي تڏهن ئي بابر نواز جي درخواست ٻڌي سگهجي ٿي. سوال اهو آهي ته ڇا هي ڪيس ٻن فورم تي هلندو؟ مون کي ڪميشن کان پهريان ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر گهرايو، هاڻ انهن 27 تي ٻيهر جواب جمع ڪرائڻ جي لاءِ گهرايو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ايبٽ آباد ۾ جلسي تي ڪارروائي ٿئي ته نئون پنڊورا باڪس کلي ويندو، ڇا اليڪشن ڪميشن وزيراعظم ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ کي به طلب ڪندو.چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته جيڪڏهن چونڊن کان اڳ وزيراعظم به اهڙو ڪو خطاب ڪري ها ته انهي کي به نوٽيس جاري ڪيو وڃي ها، علي بخاري چيو ته ٻين تڪن ۾ به ضابطه اخلاق جون ڀڃڪڙيون انهن مان ته ڪنهن کي ناهي گهرايو ويو، چيف اليڪشن ڪمشنر ريمارڪس ڏنا ته ٻين تڪن ۾ به ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي وزيرن ۽ اميدوارن کي طلب ڪيو ويو آهي.علي بخاري چيو ته اوهان پهريان ڪيس جي ٻڌڻ جوڳي هجڻ جو فيصلو ڪريو، اليڪشن ڪميشن هدايت ڏني ته ايندڙ ٻڌڻي تي لکت ۾ جواب جمع ڪرايو، ٻڌڻ جوڳو هجڻ تي مناسب آرڊر جاري ڪنداسين. جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن ڪي پي ڪي جي وڏي وزير سهيل آفريدي کي ايندڙ ٻڌڻي تي حاضري کان ڇوٽ ڏئي ڇڏي، اليڪشن ڪميشن ٻڌڻي 4 ڊسمبر تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.ڪي پي ڪي جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي وڪيل علي بخاري اليڪشن ڪميشن جي ڪيس کي ٻڌڻ جوڳو هجڻ جي اختيار واري دائري کي چئلينج ڪيو، وڪيل سهيل آفريدي درخواستون ٻڌڻ جوڳيون هجڻ تي اعتراض لڳائي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن سهيل آفريدي جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.ياد رهي ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير سهيل آفريدي تي اين اي 16 ۾ چونڊ مهم دوران عملي کي ڌمڪيون ڏيڻ جو ڪيس داخل ٿيل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو