ڌرتي جي حفاظت اسان جي گڏيل ذميواري آهي، شاھ

ڌرتي جي حفاظت اسان جي گڏيل ذميواري آهي، شاھ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عالمي ڌرتي ڏينهن تي پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته ڌرتي جو تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، جڏهن ته موسمياتي تبديلي، آلودگي ۽ انساني سرگرميون زمين کي سخت نقصان پهچائي رهيون آهن.
مراد علي شاهه چيو ته سخت گرمي، ٻوڏ ۽ ماحولياتي خطرن لکين ماڻهن کي متاثر ڪيو آهي، ٻيلن جي ڪٽائي ۽ ماحولياتي نظام جي تباهي خطرناڪ رجحان آهن، جڏهن ته صحتمند ماحولياتي نظام خوشحال ماڻهن ۽ مضبوط مستقبل جي ضمانت آهن.
هن چيو ته پائيدار ترقي ۽ انسان ۽ فطرت جي وچ ۾ هم آهنگي وقت جي ضرورت آهي. سنڌ حڪومت ماحولياتي تحفظ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي، جڏهن ته، سڄي صوبي ۾ وڻ پوکڻ، ساحلي تحفظ ۽ ٻيلن جي بحالي تي ڌيان ڏنو پيو وڃي.
پنهنجي عزم جو اظهار ڪندي، سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان جي زمين کي سرسبز ۽ شاداب بڻائڻ اسان جي اولين ترجيح آهي، پر اسان ايندڙ نسلن لاءِ هڪ صاف ۽ محفوظ ماحول کي يقيني بڻائينداسين.
هن عوام کي اپيل ڪئي ته ماحول دوست طرز زندگي اختيار ڪن ۽ توانائي ۽ وسيلن جي استعمال ۾ احتياط ڪن، ته جيئن گڏجي اسان پنهنجي ملڪ جو مستقبل محفوظ بڻائي سگهون.

پهنجو تبصرو موڪليو