رحيم يار خان(ويب ڊيسڪ)ڌاڙيلن جي حملي ۾ شهيد ٿيل پنجاب پوليس جي 12 اهلڪارن جي رحيم يار خان پوليس لائين ۾ جنازي نماز اداڌاڙيلن جي حملي ۾ شهيد ٿيل پنجاب پوليس جي 12 اهلڪارن جي رحيم يار خان پوليس لائين ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، آءِ جي پنجاب عثمان انور، شهيدن جي وارثن، پوليس جي ٻِين آفيسرز، جوانن ۽ شهرين جي وڏي انگ ۾ شرڪت، جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد شهيدن جا مڙهه اباڻن علائقن ڏانهن اماڻيا ويا گذريل سنڌ پنجاب دنگ تي ماچڪو ٿاڻي جي حد واري ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي حملي ۾ 12 اهلڪار شهيد ۽ 8 زخمي ٿي پيا هڪ اهلڪار گم، شهيد ٿيل اهلڪارن ۾ محمد عمران، محمد ساجد، راجا ڪنول، محمد منير، اجي رام، بيرم رام، محمد احمد، عبدالله، انس، ستار، احمد نواز ۽ راشد شامل زخمي اهلڪارن ۾ وسيم، بلاول، نبيل، شهزاد، محمد ايوب، فاروق ۽ ابرار شامل، احمد فراز نالي هڪ اهلڪار حملي کانپوءِ گم ٿيل آهي پوليس ذريعن موجب رات ڪچي اندر ڊيوٽي تي موجود 22 اهلڪار ٻن موبائيلن ۾ سوار ٿي موڪلن تي وڃي رهيا هئا ته سندن هڪ گاڏي برساتي پاڻي ۾ ڦاسي پئيڌاڙيلن اوچتو راڪيٽ لانچرز ۽ ٻين هٿيارن سان مٿن حملو ڪري ڏنو، زخمي اهلڪارن کي رحيم يار خان جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو، پوليس ذريعن موجب پنجاب پوليس تي حملو شر گينگ ۽ ڪوش گينگ جي ڌاڙيلن ڪيوسنڌ پنجاب دنگ تي شهيد ٿيل پنجاب پوليس جي اهلڪارن جي ڌاڙيلن جي حملي کان ڪجهه گهڙيون اڳ جي وڊيو سامهون اچي وئي وڊيو ۾ ڪچي ۾ گاڏي خراب ٿيڻ بعد ان جي ڀرسان بيٺل اهلڪار پنهنجي وڊيو ريڪارڊ ڪندي نظر اچي رهيا آهن، هڪ اهلڪار اها شڪايت ڪندي نظر اچي رهيو آهي ته هتي ڏينهن جي وقت به ماڻهو نه ٿا اچن ۽ اسان جي رات جي وقت ڊيوٽي تبديل ڪئي پئي وڃي پوليس اهلڪار ٻن گاڏين ۾ سوار ٿي موڪل تي وڃي رهيا هئا ته سندن گاڏي خراب ٿي پئي، ڌاڙيلن اوچتو حملو ڪري پوليس اهلڪارن کي شهيد ۽ زخمي ڪيو، ڊيوٽي تان رليو ٿيندڙ پوليس اهلڪارن کي ڪڍڻ لاءِ بڪتر بند گاڏيون ڇو نه اماڻيون ويون؟










