اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلزپارٽي جي سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ ڊيپوزٽ پروٽيڪشن بل تي غور ڪيو ويو.ڊپٽي گورنر اسٽيٽ بئنڪ عنايت حسين اجلاس کي ٻڌايو ته ڊيپازٽ پروٽيڪشن ايڪٽ تحت بئنڪ جي سمورن صارفين کي 5 لک رپيا في اڪائونٽ تائين تحفظ فراهم ڪيو ويندو.هن چيو ته اڳ ۾ 2.5 لک رپين تائين جي ڊيپازٽ تي تحفظ هوندو هو، هاڻي بئنڪن جي گراهڪن کي 5 لک رپيا في اڪائونٽ جي حساب سان تحفظ فراهم ڪيو ويندو، بئنڪن جي قرضن جو تحفظ 100 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي.سليم مانڊوي والا سوال ڪيو ته ڇا هن قانون ۾ ميڪرو فنانس بئنڪ کي شامل ڪيو ويو آهي؟ڊپٽي گورنر اسٽيٽ بينڪ عنايت حسين چيو ته اسان جي خواهش آهي ته ميڪرو فنانس بينڪن کي ڊيپازٽ تحفظ واري قانون تحت آندو وڃي پر ميڪرو فنانس بينڪن ۾ ڪجهه عام مسئلا آهن جن کي حل ڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف شرط رکيا آهن، اهڙي طرح ڪمرشل بينڪن کي به فنانس بئنڪ پڻ هڪ فريم ورڪ آهي.پيپلز پارٽي جي سينيٽر پڇاڻو ڪيو ته آءِ ايم ايف اسان کي اهي سڀ شيون ڇو ٿا ٻڌايو، اسان پاڻ ڇو نٿا ڪريون؟اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر عنايت حسين جواب ڏنو ته گورنر عشرت حسين جي دور ۾ ان بابت سوچيو ويو هو پر ان وقت آءِ ايم ايف اتفاق نه ڪيو هو.ان دوران اجلاس دوران سليم مانڊوي والا چيو ته مون مختلف دورن ۾ پاس ڪيل قانونن جي لسٽ ٺاهي آهي. ان مان ثابت ٿيو ته نگران دور ۾ سينيٽ ۾ قانون سازي ڪئي وئي، حڪومت فاروق ايڇ نائيڪ جي اعتراض تي بل ٻيهر ايوان ۾ پيش ڪيو.










