شیئر کریں ڊينگي سبب سال جي پهرين فوتگي جي رپورٽ 09/04/202609/04/2026 ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي صحت کاتي جي ترجمان چيو ته هن سال جي پهرين ڊينگي موت ڪراچي ۾ رپورٽ ٿي آهي، جيڪا اوڀر ضلعي مان هئي. ترجمان چيو ته هن سال سڄي سنڌ ۾ ڊينگي جا 198 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته شهر قائد ۾ ڊينگي جا 163 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن شیئر کریں