ڊيزل 2.42 ۽ پيٽرول 1.9 رپيو مھانگو ٿي ويو

ڊيزل 2.42 ۽ پيٽرول 1.9 رپيو مھانگو ٿي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت اڄ ٻيهر پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.
پيٽروليم ڊويزن 31 جولاءِ لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب ڊيزل جي قيمت ۾ 2.42 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پيٽرول جي قيمت ۾ 1.9 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب ڊيزل جي نئين قيمت 394.4 رپيا في ليٽر ۽ پيٽرول جي نئين قيمت 336.15 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو