لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ ڊپٽي ڪمشنر جو اختيار بحال ڪري ڇڏيو آهي ته هو بنا ڪنهن اجازت جي ڪنهن به وقت حراست ۾ وٺي سگهن.لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي جي ڊويزن بئنچ 3 ايم پي اوز جي اڳواٽ عدالتي اجازت تي پابندي واري سنگل بينچ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو.جسٽس جواد حسن ۽ جسٽس وقاص رئوف تي ٻڌل ڊويزن بئنچ ڊي سي جي اپيل تي فيصلو معطل ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 2 هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو جڏهن ته عدالت اپيل جي ايندڙ ٻڌڻي سيپٽمبر جي پهرين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.جسٽس انور حق ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي جي ايم پي او آرڊر کي عدالتي اجازت سان مشروط ڪري ڇڏيو، عدالت ڊي سي کي هدايت ڪئي ته ايم پي او آرڊر جاري ڪرڻ کان اڳ عدالت کان اجازت وٺي.شهريار آفريدي جي نظربندي خلاف داخل درخواست تي فيصلو ٻڌايو ويو، عدالت شهريار آفريدي ۽ سندس ڀاءُ سميت پي ٽي آءِ جي 57 ڪارڪنن جا ايم پي او آرڊر معطل ڪري ڇڏيا.










