ڊي جي خان (ويب ڊيسڪ)بلوچستان ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي، پنجاب-بلوچستان سرحدي رستو هر قسم جي ٽرئفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي.ڊپٽي ڪمشنر ڊيرا غازي خان محمد عثمان خالد چيو ته بلوچستان ڏانهن ويندڙ هر قسم جي ٽرئفڪ کي روڪيو ويو آهي.هن چيو ته هن وقت مسافر ڊي جي خان ذريعي بلوچستان نٿا وڃي سگهن، باواٽا، راڪي گج ۽ تونسه موسيٰ خيل روڊ جي بين الصوبائي سرحدي پوائنٽن کي هر قسم جي ٽرئفڪ لاءِ معطل ڪيو ويو آهي، ڪنهن به گاڏي کي پنجاب کان بلوچستان وڃڻ جي اجازت ناهي










