ڊاڪٽر جي ميت جي بي حرمتي ڪندڙ رمانڊ تي پوليس حوالي

ڊاڪٽر جي ميت جي بي حرمتي ڪندڙ رمانڊ تي پوليس حوالي

ميرپورخاص (ن س) ميرپورخاص ۾ مقتول ڊاڪٽر شاهنواز جي لاش جي بي حرمتي ۾ ملوث 18 جوابدارن کي 7 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو. عمرڪوٽ ۾ قتل ڪيل ڊاڪٽر شاهنواز جي لاش جي بي حرمتي ۾ ملوث 18 جوابدارن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. لاش ساڙڻ جي ڪيس ۾ نامزد مولوي احمد شاهاڻي، مولوي رياض پنهور، شير علي سميجو، محبوب علي ساند، غلام مجتبيٰ پنهور، نور حسن سميت ٻين کي عدالت 7 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته عمرڪوٽ پوليس ڪيس مقتول جي مائٽ ابراهيم ڪنڀر ايڊووڪيٽ جي فرياد تي داخل ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو