ڊار جي مقرري خلاف ڪيس جلد مقرري درخواست منظور

ڊار جي مقرري خلاف ڪيس جلد مقرري درخواست منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ وفاقي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي نائب وزيراعظم طور مقرري خلاف داخل درخواست تي جلد ٻڌڻي لاءِ درخواست منظور ڪري ورتي،سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اسحاق ڊار جي نائب وزيراعظم جي مقرري خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.عدالت ڌرين کي 2 هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو.چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواستگذار جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙو بنيادي حق متاثر ٿي رهيو آهي؟ درخواستگذار جي وڪيل طارق منصور چيو ته آرٽيڪل 90 ۽ 91 تحت وفاقي حڪومت وزيراعظم ۽ ڪابينا جي ميمبرن تي مشتمل آهي، آئين ۾ ڊپٽي وزيراعظم جو ڪو به عهدو ناهي، نائب وزيراعظم سينيٽ آڏو جوابده ناهي. عدالت چيو ته پرويز الاهي ان کان اڳ به نائب وزيراعظم رهيو، ڇا اها درخواست ان کان مختلف آهي؟ درخواستگذار جي وڪيل چيو ته پرويز الاهي جو 2013 جو نوٽيفڪيشن ان کان مختلف هو، نوٽيفڪيشن ۾ لکيو ويو هو ته ڊپٽي وزيراعظم جا اختيار استعمال نه ڪندو.چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته پرويز الاهي جي مقرري جو نوٽيفڪيشن ۽ هاءِ ڪورٽن جي فيصلن جون ڪاپيون پيش ڪيون وڃن، اسحاق ڊار کي درخواست ۾ ڌر ڇو نه بڻايو ويو.درخواستگذار جي وڪيل چيو ته جيڪڏهن عدالت سوچي ٿي ته ڌر بڻائي.

پهنجو تبصرو موڪليو