ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي: وفاقي حڪومت اسحاق ڊار کي نائب وزيراعظم بڻائڻ واري معاملي تي عدالت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو.چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي نائب وزيراعظم جي مقرري خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ حڪومتي وڪيل ۽ درخواستگذار عدالت ۾ پيش ٿيا.ٻڌڻي دوران پبلڪ پراسيڪيوٽر وفاقي حڪومت طرفان لکت ۾ جواب عدالت ۾ جمع ڪرايو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اسحاق ڊار کي ڊپٽي وزيراعظم جو اعزازي عهدو ڏنو ويو آهي. هو ڊپٽي وزيراعظم جا اختيار استعمال نٿو ڪري.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اڳئين ئي نوعيت جي ڪيس تي عدالتن جا ڪهڙا فيصلا هئا؟ 2012ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ پرويز الاهي جي نائب وزيراعظم جي مقرري خلاف ڪهڙو فيصلو ڏنو؟ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 2 هفتن لاءِ ملتوي ڪندي لاڳاپيل اختيارين کي ڪيس جو سمورو عدالتي رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.










