بيجنگ(ويب ڊيسڪ)چين آمريڪا تي اضافي جوابي ٽيرف جو اعلان ڪيو آهي.چيني پرڏيهي وزارت موجب، چين ايندڙ هفتي آمريڪي زرعي درآمدن تي نوان محصول لاڳو ڪندو.مرغي، ڪڻڪ، مڪئي ۽ ڪپهه تي اضافي 15 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو، جڏهن ته جوار، سويابين، گوشت ۽ غير ملڪي شين تي اضافي 10 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو.چيني پرڏيهي وزارت چيو آهي ته ميون، ڀاڄين ۽ ڊيري شين تي 10 سيڪڙو اضافي ٽيرف لاڳو ڪيو ويندو.










