ممبئي (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر جو بائيڊن جي 20 سربراهه اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ ڀارت کان ويٽنام پهچي ويو.پنهنجي تازي بيان ۾، جو بائيڊن چيو ته چين راند جي ڪجهه ضابطن کي تبديل ڪري رهيو آهي.خابرو اداري موجب هنوئي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جو بائيڊن چيو ته جي 20 اجلاس ۾ يوڪرين ۾ پائيدار امن جي ضرورت تي اتفاق ٿي ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته چين راند جي ڪجهه ضابطن کي تبديل ڪري رهيو آهي. اسان چين کي الڳ ڪرڻ يا بيجنگ تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري رهيا آهيون.آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته هو چين کي قاعدن ۽ ضابطن سان معاشي طور ڪامياب ڏسڻ چاهي ٿو، اميد آهي ته جلد چيني صدر شي جن پنگ سان ملاقات ٿيندي.هن چيو ته جڏهن ته آمريڪا انڊو-پيسفڪ ۾ هڪ مستحڪم بنياد برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اهو نٿو لڳي ته چين جي معاشي مشڪلاتن سبب اهو تائيوان تي حملو ڪندو.










