ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)امير جماعت اسلامي پاڪستان حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته چيف جسٽس فائز عيسيٰ کي پنهنجو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ سپريم ڪورٽ ۾ نه رهڻ گهرجي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته چيف جسٽس فائز عيسيٰ جي ملازمت ۾ واڌ نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته آئيني بحران ختم ٿي ويندو.هن چيو ته سينيئرٽي جي بنياد تي جسٽس منصور علي شاهه کي چيف جسٽس بڻائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي ته بحران ختم ٿي ويندو.حافظ نعيم چيو ته مخالف ڌر کي آئيني مسودن جي معاملي ۾ نه ڦاسڻ گهرجي، جيڪڏهن آئيني بحران ختم ٿيو ته هو آئيني ترميم ۽ آئيني عدالت کي وساري ڇڏيندا.










