اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ گارڊ آف آنر ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سپريم ڪورٽ آمد تي اسلام آباد پوليس پاران کيس گارڊ آف آنر پيش ڪرڻو هو پر نئين چيف جسٽس گارڊ آف آنر ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ پوليس کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي ذميواري پوري دل سان ادا ڪري. چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جو سپريم ڪورٽ پهچڻ تي عملي طرفان شاندار استقبال ڪيو ويو، ان موقعي تي اسٽاف سان ڳالهائيندي چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته اڄ مون سان ڪيتريون ئي ملاقاتون ۽ فل ڪورٽ آهي، مون کي اوهان جي تعاون جي ضرورت آهي.










