لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) چوڌري پرويز الاهي جو نالو پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ (پي سي ايل) مان ڪڍي ڇڏيو.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شمس محمود مرزا چوڌري پرويز الاهي ۽ ٻين جا نالا پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ (پي سي ايل) مان ڪڍڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته چوڌري پرويز الاهي، زارا الاهي ۽ راسخ الاهي جا نالا پي سي ايل مان ڪڍيا ويا آهن، جنهن بعد عدالت رپورٽ جي روشني ۾ درخواست اڪلائي ڇڏي.










