اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان چيو آهي ته چناب درياءَ جي وهڪري ۾ اوچتو تبديلي ناقابل قبول آهي، عالمي برادري کي هندستان جي سنڌو پاڻي معاهدي جي خلاف ورزي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.پرڏيهي وزارت جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته هندستاني ڪارروايون خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ خطرو آهن، دريائن سان لاڳاپيل ڪو به هڪ طرفو قدم ناقابل قبول آهي، اسان هندستان جي سنڌو پاڻي معاهدي جي خلاف ورزي جي مذمت ڪريون ٿا.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته سنڌو پاڻي معاهدي تي بين الاقوامي قانون موجود آهن، چناب درياءَ جي وهڪري ۾ اوچتو تبديلي پريشان ڪندڙ آهي، عالمي برادري کي هندستان جي سنڌو پاڻي معاهدي جي خلاف ورزي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.طاهر حسين اندرابي چيو ته ڊسمبر کان چناب درياءَ جي پاڻي جي سطح ۾ غير معمولي اتار چڙهاؤ ڏٺو ويو آهي، پاڪستان کي هندستان جي بغير نوٽيس جي پاڻي ڇڏڻ تي سخت تحفظات آهن.هن چيو ته هو هندستاني رياست بهار جي وڏي وزير پاران هڪ مسلمان عورت ڊاڪٽر سان توهين آميز سلوڪ جي مذمت ڪري ٿو. هندستان ۾ اقليتن کي غير انساني سلوڪ جو سامنا آهي. هندستاني حڪومت کي اقليتن جي حقن، خاص طور تي مذهبي آزادي جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ گهرجي.










