راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)چترال ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب چترال جي علائقي ارسون ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن دوران سڪيورٽي فورسز موثر ڪارروائي ڪندي دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪئي.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 6 سخت زخمي ٿي پيا.آءِ ايس پي آر موجب علائقي مان ٻين ممڪنه دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس جاري آهي.آءِ ايس پي آر چيو ته علائقي جي رهواسين سڪيورٽي فورسز جي آپريشن کي ساراهيو ۽ ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڀرپور سهڪار جو اظهار ڪيو.










