سڪرنڊ( رپورٽ راج ڪماراوڏ )سڪرنڊ ڀرسان تاريخي ماڳ چانهون جو دڙو انتظامي بي ڌياني سبب ميسارجڻ لڳو. دڙي تي رولو ڪتن ديرا ڄمائي ورتا. چوديواري نه هئڻ ڪري چوپائي مال جي اچ وڃ سبب ظاهر ٿيل شهر ميسارجڻ لڳو. سنڌ حڪومت ۽ ثقافت کاتو اگهور ننڍ ۾ ستل. سڪرنڊ ڀرسان سنڌ جي تاريخي ماڳ چانهون جي دڙي تي هن سال ستون ڀيرو کوٽائي نه ٿي سگهي. ڪورونا وائرس سبب فرانسيسي آرڪيالاجسٽ ڊاڪٽر اروڙا جي اڳواڻي ۾ ماهرن جي ٽيم هن سال کوٽائي لاءِ نه ايندي. اهڙي تصديق ثقافت کاتي سنڌ پاران ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته کوٽائي دوران فرانسيسي ماهرن پاران چانهون جي دڙي تي ڪارخاني نما شهر دريافت ٿيو هو جنهن مان تاريخي شيون جن ۾ زيورات ، سپيون ، ٺڪر جا ٿانو ، موتي ۽ ٻيون شيون هٿ آيون آهن. فرانسيسي ماهرن پاران تاريخي دڙي تي ڇهه دفعا کوٽائي جو ڪم ڪيو ويو آهي. فرانسيسي ماهرن پاران کوٽائي دوران ظاهر ٿيل شهر کي پلاسٽڪ جي ٿيلهيون ڏئي مٽي سان ڍڪيو ويو هو پر سنڌ حڪومت ۽ ثقافت کاتي پاران تاريخي ماڳ جي سار سنڀال نه ٿيڻ ۽ چوديواري نه اچڻ ڪري برساتن ۽ ڳوٺن جي چوپايو مال جي اچ وڃڻ ڪري چانهون جو دڙو ميسارجي رهيو آهي. جڏهن ته هن وقت تاريخي ماڳ تي رولو ڪتن ديرا ڄمائي ڇڏيا آهن سنڌ حڪومت پاران اعلانيل ميوزم ۽ ريسرچ سينٽر جو ڪم ٽن سالن کان رولڙي جو شڪار آهي. تاريخي ماڳ تي مقرر ڪيل چوڪيدار اشرف خاصخيلي ٻڌايو ته مان اڪيلو چوڪيدار آهيان تاريخي ماڳ تي چوديواري نه هئڻ ڪري ڳوٺ جو چوپايو مال جو گذر پڻ دڙي تان ٿي رهيو آهي جنهن سبب دڙي کي ڪافي نقصان پهتو آهي. رابطو ڪرڻ تي نالي واري دانشور درگاهه پيرذاڪري جي گادي نشين سيد منير شاهه ذاڪري ٻڌايو ته تاريخي ماڳ اسان جي ثقافت جي سڃاڻپ ۽ اسان جو ورثو آهن سنڌ حڪومت انهن جي حفاظت کي يقيني بنائي ۽ چانهون جي دڙي تي ريسرچ جي ڪم کي اڳتي وڌائي ۽ ماڳ کي چوديواري ڏياري لتاڙ کان محفوظ ڪرايو وڃي.










