نوشهروفيروز (مشتاق مري) ڀريا مائينر کي غير قانوني گيٽ لڳائي هٿ سان پاڻي روڪڻ خلاف آبادگارن پاران پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ شامل آبادگار ايريگيشن انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي اڳواڻن حاجي مرزا راڄپر، سڪندر مري، غلام شبير چانڊيو، علي احمد چانڊيو، عرض محمد مري، مشتاق ڦل ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ طرف سنڌ اندر پاڻي جي شديد کوٽ آهي ۽ جيڪو ٿورو گهڻو پاڻي اچي ٿو اهو به ايريگيشن جا عملدار هٿ سان نوليون ۽ دڪا هڻائي پاڻي وڪرو ڪندا رهيا آهن پر هاڻي ظلم جي انتها اها آهي جو ايريگيشن عملي پاران ڀريا مائنر کي غير قانوني گيٽ هڻي اسان آبادگارن جي معاشي قتل عام جي سازش ٿي رهي آهي. هنن چيو ته پهرين ماڪڙ اسان جي فصلن کي وڏو نقصان پهچايو هاڻي جيڪڏهن پاڻي به بند ڪيو ويو ته اسان جو جيئڻ مشڪل بڻجي ويندو. هنن سنڌ حڪومت سميت ايريگيشن اختيارين کي چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڀريا مائنر تي غير قانوني گيٽ لڳائي پاڻي بند ڪيو ويو ته احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.










