ڀاڻ جي فيڪٽرين لاءِ گئس وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جو فيصلو

ڀاڻ جي فيڪٽرين لاءِ گئس وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي شرطن تي هن مهيني کان فرٽيلائزر فيڪٽرين لاءِ گيس جي قيمت وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب فرٽيلائزر فيڪٽرين لاءِ گيس جو اگهه 302 رپين مان وڌائي 580 رپيا ايم ايم بي ٽي يو ڪيو ويندو.ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته فيڊ اسٽاڪ لاءِ ڀاڻ ٺاهيندڙن کي 1580 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو جي حساب سان گئس ملندي.ذريعن موجب فرٽيلائزر ٺاهيندڙن لاءِ في ايم ايم بي ٽي يو گيس جي قيمت 556 رپيا فيڊ اسٽاڪ لاءِ هوندي.ناڻي، پيٽروليم ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ڀاڻ ٺاهيندڙن لاءِ گئس جي قيمتن ۾ واڌ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن موجب ڀاڻ ٺاهيندڙن لاءِ گئس جي اگهن ۾ واڌ جو فيصلو آءِ ايم ايف جي معاشي جائزي کان اڳ ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو