ممبئي (ويب ڊيسڪ)هندستاني شهر ڪولڪتا جي هڪ هوٽل ۾ باهه لڳي وئي، جنهن ۾ 14 ماڻهو فوت ٿي ويا، هندستاني ميڊيا موجب، گذريل رات ڪولڪتا جي رتو راج هوٽل ۾ باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 14 ماڻهو فوت ٿي ويا، رپورٽ موجب، فوتين ۾ ٻه ٻار به شامل آهن، جڏهن ته ٻه ماڻهو زخمي ٿيا آهن ۽ انهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي،هندستاني اختيارين جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ جو سبب اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي، پر ان حوالي سان جاچ جاري آهي.










