اسلام آباد(بيورو رپورٽ)دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته ڪابل ۽ نئين دهلي سان جاري تڪرار جي وچ ۾ هندستان پاڪستان کي اوڀر ۽ اولهه ٻنهي محاذن تي مصروف رکڻ چاهي ٿو، دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته جيڪڏهن ثبوت جي ضرورت آهي، ته اسان وٽ پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ هندستان جي ڪردار بابت ثبوت آهن، ۽ اهو اسان کي ٻن محاذن اوڀر ۽ اولهه تي مصروف رکڻ چاهي ٿو، هن چيو ته مئي جي جهڙپ ۾ شڪست کان پوءِ هندستاني وزيراعظم نريندر مودي کي “خاموش” ڪيو ويو هو، ۽ اميد ظاهر ڪئي ته افغانستان سان ڳالهيون هڪ معقول نتيجي تي پهچنديون.وزير دفاع چيو ته سياستدان، ادارا ۽ پاڪستاني عوام سڀ متفق آهن ته افغان مسئلي جو فوري حل ضروري آهي ۽ افغان سرزمين تان دهشتگردي کي مڪمل طور تي ختم ڪيو وڃي.هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مهذب لاڳاپا بهترين حل آهن.










