ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ واضح ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ صوبي جي عوام پاڪستان پيپلز پارٽي تي پنهنجو اعتماد برقرار رکيو جنهن لاءِ اسين سندن دل جي گهراين کان ٿورائتا آهيون. اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڄ ٽريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان ۽ ايران ٽريڊ پروموشن آرگنائيزيشن وچ ۾ ايم او يو تي صحيحن واري تقريب جي صدارت ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. هن چيو ته بلدياتي چونڊون پرامن ٿيون ۽ سنڌ جي عوام پاڪستان پيپلز پارٽي تي اعتماد جي موٽ ڏني. هن چيو ته بلدياتي چونڊن ۾ امن امان جا خدشا هئا پر الله جو شڪر آهي ته ڪو وڏو سانحو پيش نه آيو. هن چيو ته آئون قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، پوليس، رينجرز، ايف سي ۽ فوج جو ٿورائتو آهيان ۽ پرامن چونڊن تي کين مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته مڪاني ادارن جي چونڊن جي نتيجن ۾ ڪابه دير ناهي ٿي، هن ڀيري اليڪشن ۾ آر ٽي ايس نه هو جنهن سبب نتيجا تبديل ٿيا. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي حيدرآباد ڊويزن ۾ واضح اڪثريت سان کٽي 160 مان 140 سيٽون حاصل ڪيون. اٽڪل 99 شهرن ۽ ميونسپلٽيز ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. هن چيو ته ڪراچي اندر 235 جي لڳ ڀڳ چونڊون ٿي رهيون آهن، اميد آهي ته 100 کان وڌيڪ سيٽون کٽينداسين. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي، جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ سخت مقابلو هو، پريزائيڊنگ آفيسرن کي ٻه ڀيرا ووٽن جي ڳڻپ ڪرڻي هئي جنهن سبب وقت لڳو. مراد علي شاهه چيو ته اسان کي صوبي ۽ هن شهر کي ترقي ڏيارڻي آهي جيڪو به ڪراچي جو ميئر بڻجي ان جي بهتري لاءِ ڪردار ادا ڪندو، سمورا اختيار قانون ۾ موجود آهن. جڏهن توهان پنهنجو ڪم ڪندا ته ان جو فائدو سنڌ حڪومت کي به ٿيندو. هن چيو ته جيڪو به کٽيندو سنڌ حڪومت سندن ڀرپور ساٿ ڏيندي. اسان سمورين پارٽين سان ڳالهيون ڪري ٽائون ٺاهيا آهن. هن چيو ته آئون ايم ڪيو ايم سان آخري وقت تائين ڳالهايو ۽ کين چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ چيو پر کين خدشا هئا تنهنڪري انهن بائيڪاٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جڏهن ڪابه ڌر اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪندي آهي ته هڪ خال پيدا ٿئي ٿو. اليڪشن جي غير يقيني صورتحال سبب ٽرن آئوٽ گهٽ رهيو. ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ واپاري معاهدي تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ايران جا لاڳاپا پراڻا ۽ ڀائيچاري وارا آهن.

هن چيو ته مون وٽ منهنجي پيءُ جي ڊائري آهي جيڪا هن فارسي ۾ لکي هئي. هن چيو ته ڪنهن زماني ۾ سنڌ جي سرڪاري ٻولي فارسي هئي. ان موقعي تي هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران واپار کي هٿي ڏئي معاشي استحڪام آڻي سگهن ٿا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ وٽ ٿر ڪول مان بجلي، گئس، ڀاڻ ۽ ڊيزل جا وڏا ذخيرا موجود آهن. آئون چاهيان ٿو ته ايراني ڪمپنيون اچن ۽ سيڙپڪاري ڪن. ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ واپاري معاهدن تي صحيحون ڪيون. هن ايم او يو سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار وڌوندو. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير جو خاص مددگار قاسم نويد پڻ ساڻس گڏ هو، وڏي وزير جي اچڻ تي ايران جي قونصل جنرل حسن نورين سندس آجيان ڪئي. نمائش ۾ ايران جي 60 کان وڌيڪ مختلف ڪمپنين اسٽال لڳايا. سنڌ جي وڏي وزير مختلف اسٽالن جو دورو پڻ ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان ۽ ايران ٽريڊ پروموشن آرگنائيزيشن وچ ۾ ايم او يو تي صحيحون ٿيون. هي ايم او يو ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار وڌائڻ لاءِ ڪيو ويو آهي.










