ٿر جو ڪوئلو سستي توانائي لاءِ گيم چينجر آهي، ملاڻي

ٿر جو ڪوئلو سستي توانائي لاءِ گيم چينجر آهي، ملاڻي

ٿرپارڪر(رپورٽ صادق بجير)مٺي وزير اعظم جي مملڪتي وزير ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي چيو آهي ته ٿر جو ڪوئلو پاڪستان جي توانائي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿي رهيو آهي، جيڪو پاڪ چين ڪوريڊور دوستي جو بهترين مثال آهي. هو اڄ ٿر نوا ڪول فائرڊ پاور پروجيڪٽ جو افتتاح ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائي رهيو هو، هن وڌيڪ چيو ته ٿر ڪول پاور شارٽ فال پورو ڪرڻ لاءِ 2600 ميگاواٽ بجلي فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڪري رهيو آهي، هن چيو ته ٿر ۾ 75 لک ٽن ڪوئلي جا ذخيرا موجود آهن، جنهن سان سستي بجلي پيدا ڪري 2.5 ارب ڊالرن جي بچت ٿي سگهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ محترمه بينظير ڀٽو جو خواب هو جنهن ٿر جي ڪوئلي کي ڪارو سون سڏيو هو. هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هدايت ڪئي آهي ته ٿر جي ڪوئلي جي رائلٽي ۽ ٻيا فائدا ٿر جي مقامي ماڻهن ڏانهن منتقل ڪيا وڃن. ٿر ڪول منصوبي ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ لاءِ ڪم ڪندڙ ڪمپنين جي مالڪن کي پابند ڪيو ويو آهي، ٿر جي سمورن ڳوٺن ۾ بجلي جي فراهمي لاءِ گرڊ اسٽيشنز قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت کي اها سفارش ڪئي ويندي ته ٿر جي عوام کي سستو اٽو فراهم ڪرڻ جي لبرل پاليسي تحت چڪي مل مالڪن کي ڪڻڪ فراهم ڪئي وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٿر جي بند پيل آر او پلانٽس کي به فعال ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. مملڪتي وزير ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي چيو آهي ته ٿر جي عوام کي صحت، تعليم ۽ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو. ان موقعي تي ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي، اڳوڻي ضلعي ڪائونسل چيئرمين ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو، وزيراعليٰ سنڌ جو خاص معاون ويرجي ڪولهي، پونجو مل ڀيل، دوست علي راهمون، پ پ اڳواڻ سشيل ملاڻي، سيڪريٽري انرجي ابوبڪر مدني، ايڊيشنل سيڪريٽري انرجي اسدالله ڀٽو، ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر ڊاڪٽر حفيظ احمد سيال، ايس ايس پي ٿرپارڪر عابد علي بلوچ، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ٿرپارڪر ميڊم ساره جاويد، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر گريش ڪمار ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو