ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي ماڙي پور ويجهو تيز رفتار بس ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 7 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.ريسڪيو اختيارين موجب ماڙي پور ٽرڪ بيس ڀرسان بس اونڌي ٿي وئي، حادثي ۾ 4 ٻارڙن ۽ 2 عورتن سميت 7 ڄڻا فوت ٿي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، حادثي جو شڪار مسافر پڪنڪ لاءِ وڃي رهيا هئا.ريسڪيو عملدارن موجب حادثي ۾ زخمي ٿيلن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.










