اسلام آباد (بيورو رپورٽ)امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو آهي ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف جمعي تي سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويندو.لاهور مان جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ سراج الحق چيو ته نگران حڪومت گذريل حڪومتن جي ظالمانه عملن جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.امير جماعت اسلامي چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 20 رپيا في ليٽر تائين اضافو غريب عوام تي ظلم جي انتها آهي.هن چيو ته حڪمران آءِ ايم ايف جي حڪم تي عوام جو رت وهائي رهيا آهن. عوام جي حالت تي رحم ڪيو وڃي.سراج الحق چيو ته نگران حڪومت عوام کي رليف ڏئي. هن چيو ته قوم ظلم خلاف اٿي بيهي ۽ جماعت اسلامي جي پرامن احتجاج جو حصو بڻجي.










