پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي واري فيصلو رد

پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي واري فيصلو رد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ شهباز حڪومت پاران پهريان 137 رپيا في ليٽر واڌ ڪرڻ کان پوءِ عوام جي سخت ردعمل تي 80 رپيا في ليٽر گهٽائڻ واري فيصلي کي رد ڪندي ان کي عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ ۽ باريڪ واردات قرار ڏيندي چيو آهي ته ججن، جرنيلن ۽ بيوروڪريسي سميت وزيرن ۽ مشيرن جون 40،40 لک روپين جون پگهارون، آئيني عدالت جي ججن لاءِ مرسڊيز گاڏين جي درآمد، لکين ڪروڙين روپين جون مراعتون ڏيڻ جي سزا قوم کي پيٽروليم ليوي ۽ ٽيڪسن جي صورت ۾ ڀوڳڻ نامنظور آهي۔ سمورن ججن، جرنيلن ۽ بيوروڪريسي سميت سياستدانن جون وڏيون پينشنون، مُفت پيٽرول، مُفت بجلي، سيڪورٽي سميت مراعاتون فوراً ختم ڪيون وڃن۔ موجوده حڪومت عوام دشمني ۾ اڳوڻا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، تنهن ڪري عوام کي گهرجي ته جلد کان جلد انهن کان جان ڇڏائڻ لاءِ حافظ نعيم الرحمٰن جي قيادت ۾ جماعت اسلامي جي تحريڪ ۾ شامل ٿين۔ صوبائي امير پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته موجوده جعلي حڪمران ٽولي پاران پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ناقابل برداشت توڙي عام ماڻهوءَ کي زنده دفن ڪرڻ برابر آهي، عوام موجوده جعلي حڪمران ٽولي جي غريب دشمن قدمن کان تنگ اچي چڪا آهن ۽ 25 ڪروڙ عوام هٿ کڻي ڪرپٽ ۽ بدديانت ٽولي کي بددعائون ڏئي رهيا آهن۔ هن وڌيڪ چيو ته چور حڪمران ٽولي جو اهوپراڻو طريقو آهي ته جيڪڏهن پيٽرول 57 رپيا في ليٽر وڌائڻو هجي ته پهريان 137 رپيا واڌ ڪيو وڃي، پوءِ وري ٿورو ڳڻائي 80 رپيا گهٽايا وڃن ۽ آخرڪار 57 رپيا واڌ برقرار رکي وڃي۔ هاڻي ڪوڙ ۽ دوکي سان عوام کي گهڻو وقت بيوقوف نٿو بڻائي سگهجي۔ پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هڪ مهيني دوران لڳ ڀڳ 77 سيڪڙو واڌ ٿي چڪي آهي، جيڪا عالمي منڊي جي قيمتن کان ٻيڻي آهي۔ فارم 47 جي بنياد تي قائم جعلي حڪمران ٽولي پنهنجي مراعتن ۽ شاهانه طرز زندگي کي تبديل ڪرڻ بدران ايران-آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ جو بهانو بڻائي سڄو بار عوام تي وجهي سندس چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي، عام ماڻهوءَ جيڪو اڳ ئي مهانگائي سبب پريشان آهي موجوده ظالم حڪومتي ٽولي جي عوام دشمني خلاف روڊن تي اچي وئي ته پوءِ دنيا جي ڪابه طاقت کين روڪي نه سگهندي. ۔عوام ملڪ لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهن، پر ان لاءِ سڀ کان پهريان حڪمرانن کي پنهنجي عياشين، ڪرپشن ۽ مفت خوري بند ڪرڻي پوندي۔ حڪمران ٽولي پاران پنهنجي عياشين جو سڄو بار عوام تي وجهڻ بدامني، ظلم ۽ غربت جي ماريل ماڻهن سان سراسر ناانصافي آهي۔#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو