ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ عوام سان ناانصافي آهي.هڪ بيان ۾ حافظ نعيم الرحمان چيو ته غريب ۽ وچولو طبقو سخت متاثر ٿي رهيو آهي، صرف پيٽرول ئي نه، ٽيڪس به وڌائيا ويا آهن.هن چيو ته اسان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ کي رد ڪريون ٿا، پيٽرول جي قيمت 458 رپين تائين وڌائڻ ناانصافي آهي، پهريان 55 رپيا، پوءِ 137 رپيا، اهو ناانصافي جي انتها آهي، اهو موٽرسائيڪل سوار، ڊليوري ورڪرز، شاگردن ۽ مزدورن سميت هر ڪنهن کي متاثر ڪندو.ٻئي طرف، خيبرپختونخواهه جي وزير اعليٰ جي اطلاعات بابت خاص مددگار شفيع جان چيو ته ناڪام معاشي پاليسين عوام جي زندگين کي برباد ڪري ڇڏيو آهي، وفاقي حڪومت عوام کي ڀت سان لڳائي ڇڏيو آهي، عوام جو صبر ختم ٿي چڪو آهي.










