نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته عالمي منڊي ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ پاڪستان ۾ به پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيندو،پرڏيهي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ نگران پرڏيهي وزير چيو ته معاشي مضبوطي سياسي استحڪام سان مشروط آهي، اسان جو بنيادي هدف پاڪستان ۾ شفاف ۽ غير جانبدار اليڪشن ڪرائڻ آهي،هن چيو ته ايس آءِ ايس ايف تحت 5 وڏن شعبن ۾ سيڙپڪاري جا هدف مقرر ڪيا ويا آهن، جنهن لاءِ نار ملڪن سان معاهدا ٿيڻا آهن، نار ملڪ پاڪستان جا سيڙپڪاري ۾ وڏا ڀائيوار آهن،نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته عالمي منڊي ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ پاڪستان ۾ به پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيندو










