پي ٽي آءِ جي ڪنهن به ميمبر ترميم جي خلاف ووٽ نه ڏنو

پي ٽي آءِ جي ڪنهن به ميمبر ترميم جي خلاف ووٽ نه ڏنو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر پرويز رشيد چيو ته آئيني ترميم سڀني سياسي پارٽين جي اتفاق راءِ سان ڪئي وئي هئي، پي ٽي آءِ جي ڪنهن به ميمبر پاڻ هن ترميم جي خلاف ووٽ نه ڏنو.هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ لڳ ڀڳ ٻه درجن جج آهن، جيڪڏهن هاءِ ڪورٽن جي ججن کي شامل ڪيو وڃي ته انگ سئو ٿي ويندو آهي، جن مان صرف ٻن ججن اعتراض ڪيو آهي.پرويز رشيد چيو ته هڪ اعتراض اهو آهي ته آئين کي ختم ڪيو ويو آهي، ٻيو اعتراض اهو آهي ته سپريم ڪورٽ کي ٽڪرن ۾ ورهايو ويو آهي، ٻيا جج انهن ٻنهي اعتراضن سان متفق نه آهن، ڪنهن به ٻئي جج سندس ڳالهه قبول نه ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو