اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) ٻيهر سينيٽ جو اجلاس شروع ٿيو ته پرزائيڊنگ آفيسر اسحاق ڊار بنا مقابلي چيئرمين طور يوف رصا گيلاني ۽ ڊپٽي چيئرمين طور سيدآل خان ناصر جي ڪاميابي جو اعلان ڪيو ۽ سيد يوسف رضا گيلاني کي حلف کڻايو ۽ وڌيڪ ڪاروائي گيلاني جي صدارت ۾ شروع ٿي. گيلاني پنهنجي خطاب ۾ پيپلزپارٽي ۽ اتحادي جماعتن جي اڳواڻن جو شڪريو ادا ڪيو، هن جي يو آءِ جي تعاون تي سندن جو شڪريو به ادا ڪيو. گيلاني 1973 جي آئين جي خالق شهيد ذوالفقار علي ڀٽوجو ذڪر ڪندي چيو ڊگهي عرصي بعد سپريم ڪورٽ کيس فيئر ٽرائل نه ملڻ جو اقرار ڪيو آهي. ان جو ذڪر ڪندي سندس آواز ڀرجي آيو ۽ اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. هن چيو ته مان سڀني ڌرين لاءِ پل جو ڪم ڪندس ۽ جمهوري روايتن موجب ڪم ڪندس. اتحاد ڪائونسل چيئرمين سينيٽ ۽ دپٽي چيئرمين سينيٽ جي چونڊ جو بائيڪاٽ ڪندي نامزدگي فارم جمع نه ڪرايا، جنهن سبب حڪومتي اتحاد جو سيد يوسف رضا گيلاني بنا مقابلي چيئرمين ۽ مسلم ليگ (ن) جو بلوچستان مان چونڊيل سينٽر سيدآل خان ناصر ڊپٽي چيئرمين چونڊجي ويا. سيد يوسف رضا گيلاني قومي اسمبلي جو اسپيڪر به رهي چڪو آهي ۽ هاڻي ايوان بالا جو چيئرمين چونڊجي ويو، اهو پهريون موقعو آهي ته ڪو شخص وزيراعظم ۽ پارليمان جي ٻنهي ايوانن جو سربراهه رهيو هجي. مسلم ليگ (ن) جو ڊپٽي چيئرمين طور چونڊيل سيدآل خان ناصر مسلم ليگ جو پراڻو ڪارڪن آهي ۽ هر ڏک سک ۾ پارٽي سان وفادار رهيو اهي. هن جو ڪو وڏو سياي خاندان سان تعلق ناهي پر ورڪر آهي. ان کان اڳ ڪاروائي دوران سني اتحاد ڪائونسل جي سخت گوڙ ۽ هل هنگامي دوران سينيٽ جي نون چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو هو. ايوان جي ڪاروائي شروع ٿي ته علي ظفر ۽ محسن عزيز چيو ته ڪي پي ڪي ۾ سينيٽ جي چونڊ ناهي ٿي ان ڪري هائوس نامڪمل آهي. هنن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ سينيٽ جي چونڊ تائين ڪاروائي ملتوي ڪيو. قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته آئين ۽ قانون ۾ ايوان جي ڪاروائي روڪڻ جي گنجائش ناهي. هن 2015 جو مثال پيش ڪيو ته ان وقت فاٽا جي ميمبرن جي چونڊ نه ٿي هئي پر ان وقت ايوان جي ڪاروائي روڪي نه وئي هئي. هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ ڪنهن آفت جي ڪري سينيٽ جي چونڊ ملتوي نه ٿي آهي پر پشاور هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي باوجود مخصوص سيٽن تي ڪامياب قرار ڏنل صوبائي اسمبلي جي ميمبرن کان حلف نه ورتو ويو. پي ٽي آءِ وارن آئين ۽ عدالتي حڪمن جي خلاف ورزي ڪندي سينيٽ جي چونڊ ۾ رڪاوٽ پيدا ڪئي. پرزائيڊنگ آفيسر اسحاق ڊار ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد پي ٽي آءِ يعني سني اتحاد ڪائونسل وارن جو موقف رد ڪندي ميمبرن کي حلف کڻايو. نون چونڊيل ميمبرن رول آف ميمبرز تي صحيحون ڪيون.










