ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير ۽ پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ تي پابندي جو اعلان ڪرڻ کان اڳ پيپلز پارٽي سان مشاورت نه ڪئي وئي.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته جڏهن پي ٽي آءِ باني کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پوليس تي پيٽرول بم سان حملو ڪيو ويو.شرجيل ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ آءِ ايم ايف کي خط لکي چيو آهي ته پاڪستان کي پيڪيج نه ڏنو وڃي، پي ٽي آءِ جي باني ادارن ۽ عوام ۾ نفرتون پيدا ڪيون.پ پ اڳواڻ چيو ته پي ٽي آءِ جي باني به پرويز مشرف جي ريفرنڊم جي حمايت ڪئي هئي.هن چيو ته مخصوص سيٽن بابت عدالت جو فيصلو منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي، ڇا پي ٽي آءِ عدالت ۾ وئي ته کين سيٽون مليون؟شرجيل ميمڻ جو اهو به چوڻ آهي ته آئين ۾ جيڪو لکيل آهي اهو ٿيڻ گهرجي.










