مانچسٽر (ويب ڊيسڪ)تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر اميد ظاهر ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ جو باني هن مهيني جي آخر تائين جيل مان آزاد ٿي ويندو.مانچسٽر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد قيصر چيو ته چونڊن دوران اسان کي جلسا ڪرڻ نه ڏنا ويا ۽ اسان جي ماڻهن کي کنيو ويو.هن چيو ته پي ٽي آءِ جو باني سمجهوتو نه ڪندو ۽ ڪنهن جي دٻاءَ ۾ نه ايندو.اسد قيصر اميد ظاهر ڪئي ته پي ٽي آءِ جو باني هن مهيني جي آخر تائين جيل مان آزاد ٿي ويندو.










