ويٽيڪن (ويب ڊيسڪ)ڪيٿولڪ عيسائين جي روحاني اڳواڻ پوپ فرانسس جي صحت وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي ۽ کيس ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي. ويٽيڪن موجب پوپ فرانسس کي سومر تي ٻه ڀيرا ساهه کڻڻ ۾ سخت تڪليف محسوس ٿي، جنهن جي ڪري کيس واپس وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو.واضح رهي ته پوپ فرانسس، جيڪو نمونيا ۾ مبتلا آهي، 14 فيبروري کان اٽلي جي هڪ اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي، جتي سندس حالت ۾ ڪا به بهتري نه آئي آهي.










