پنڊي ڀٽيان: (ويب ڊيسڪ) پنڊي ڀٽيان ويجهو ڪار جو ٽائر ڦاٽڻ سبب هڪ خوفناڪ حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه نوجوان فوت ۽ ٻه سخت زخمي ٿي پيا.نوجوان شادي جي تقريب مان واپس اچي رهيا هئا ته سرگوڌا روڊ تي ٽائر ڦاٽڻ ڪري ڪار ڪنٽرول وڃائي ويٺي ۽ هڪ ٿنڀي سان ٽڪرائجي وئي.فوت ٿيل نوجوانن جي سڃاڻپ رضوان ۽ آڪاش جي نالي سان ٿي آهي، جيڪي نوري گيٽ سرگوڌا جا رهواسي آهن. حادثي جي اطلاع تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن جي وڏي نفري به موقعي تي پهچي وئي.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل نوجوانن جي لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ۽ حادثي جي جاچ پڻ شروع ڪئي وئي آهي.










