پنجاب مان راڻا ثناءُ الله بنا مقابلي سينيٽر چونڊجي ويو

پنجاب مان راڻا ثناءُ الله بنا مقابلي سينيٽر چونڊجي ويو

لاهور(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم جو سياسي معاملن بابت صلاحڪار رانا ثناءُالله خان اڱاري ڏينهن پنجاب مان سينيٽ جي ضمني چونڊ ۾ بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويو آهي. پي ٽي آءِ سينيٽ جي ضمني چونڊ جو بائيڪاٽ ڪيو هو، اها سيٽ سندن پارٽي جي سينيٽر اعجاز چوڌري جي نااهلي سبب خالي ٿي هئي. فارم-56 موجب، حڪومتي اميدوار رانا ثناءُالله 250 ووٽ وٺي کٽي ويو. اپوزيشن مڪمل طور تي اليڪشن جي عمل جو بائيڪاٽ ڪيو. 363 اسيمبلي ميمبرن مان 251 ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويا، جن مان هڪ ووٽ رد ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو