پنجاب جي ڌيءَ ثابت قدم رهي ته  تقدير بدلجي سگهي ٿي: مريم

پنجاب جي ڌيءَ ثابت قدم رهي ته تقدير بدلجي سگهي ٿي: مريم

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعلي وزير مريم نواز جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پنجاب جي ڌيءَ ثابت قدم رهي ته پنجاب جي تقدير بدلجي سگهي ٿي. پنجاب جي ڌيءَ ڪنهن کان گهٽ ناهي. جيڪڏهن هوءَ محنت ڪري ته سڀ ڪجهه حاصل ڪري سگهي ٿي.لاهور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پنجاب جون عورتون بهادر آهن، پنجاب جون عورتون پنهنجي صلاحيت سان صوبي جي قسمت بدلائينديون، پنجاب جون عورتون پنهنجي همت سان جيڪو به چاهين حاصل ڪري سگهن ٿيون. مريم نواز جو چوڻ آهي ته حڪومت هاڻي بيمار ماڻهن جي اسپتال اچڻ جو انتظار نه ڪندي، هاڻي اسان پاڻ بيمار ماڻهن جي گهرن ۾ علاج لاءِ وينداسين. هاڻي ڪو به شهر، گهٽي يا پاڙو اهڙو نه هوندو جتي اسان جون ٽيمون نه پهچنديون

پهنجو تبصرو موڪليو