ايف سي هيڊ ڪوارٽر ڌماڪو، 3 جوان فوت،3 دھشتگرد ماريا ويا

ايف سي هيڊ ڪوارٽر ڌماڪو، 3 جوان فوت،3 دھشتگرد ماريا ويا

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ڪينٽ ۾ واقع فيڊرل ڪانسٽيبلري (ايف سي) هيڊ ڪوارٽر جي گيٽ تي آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ 3 اهلڪار شهيد ۽ 2 زخمي ٿي پيا آهن.سي سي پي او پشاور ڊاڪٽر ميان سعيد احمد مطابق پوليس، فيڊرل ڪانسٽيبلري ۽ پاڪ فوج جي ڪمانڊوز انتهائي بهادري جو مظاهرو ۽ وقت تي جوابي ڪارروائي ڪندي حملو ڪندڙ 02 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. واقعي واري هنڌ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. سي سي پي او پشاور ڊاڪٽر ميان سعيد چيو ته سنهري مسجد روڊ تي فيڊرل ڪانسٽيبلري جي هيڊ ڪوارٽر تي حملي سبب صدر روڊ کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي. ڌماڪو صبح جو 8 لڳي 10 منٽن تي ٿيو. آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. ڌماڪو ايترو زوردار هو جو ان جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو. آپگهاتي ڌماڪي بعد فائرنگ جو آواز پڻ ٻڌو ويو جڏهن ته روڊ ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي.علائقي ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي ۽ وڌيڪ نفري موقعي تي پهچي وئي آهي. ان سان گڏو گڏ ريسڪيو ٽيمون به موقعي تي پهچي ويون. پشاور ڪينٽ مرڪزي سنهري روڊ ۽ ايف سي روڊ کي ٻنهي پاسن کان بند ڪيو ويو آهي. ايف سي هيڊ ڪوارٽر کي ڪليئر ڪرڻ تائين صدر روڊ تي ٽريفڪ جي رواني معطل رهندي. ان دوران بي آرٽي سروس به عارضي طور تي معطل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته شهرين کي به سيڪيورٽي ادارن سان سهڪار ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي. آءِ جي خيبرپختونخواهه پوليس ذوالفقار حميد ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته فيڊرل ڪانسٽيبلري هيڊ ڪوارٽر صدر پشاور ۾ 2 آپگهاتي ڌماڪا ٿيا، هڪ ڌماڪو مين گيٽ ۽ ٻيو ڌماڪو گيٽ اندر موٽر سائيڪل اسٽينڊ تي ٿيو. آءِ جي پوليس ٻڌايو ته حملو ڪندڙ 02 دهشتگرد فائرنگ جي ڏي وٺ دوران مارجي ويا آهن. پوليس ڌماڪي واري هنڌ موجود آهي ۽ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. سي سي پي او ٻڌايو ته آپگهاتي حملو ڪندڙ 3 دهشتگردن فيڊرل ڪانسٽيبلري هيڊ ڪوارٽر تي حملو ڪيو، هڪ آپگهاتي بمبار پاڻ کي مرڪزي گيٽ تي اڏائي ڇڏيو جڏهن ته آپگهاتي حملو ڪندڙ 02 دهشتگرد فيڊرل ڪانسٽيبلري هيڊ ڪوارٽر اندر داخل ٿيا. سي سي پي او پشاور ميان سعيد ٻڌايو ته فيڊرل ڪانسٽيبلري جي اهلڪارن حملو ڪندڙ ٻنهي دهشتگردن تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ٽئي آپگهاتي حملو ڪندڙ مارجي ويا آهن. فيڊرل ڪانسٽيبلري جي جوانن بهادري سان دهشتگردن جو مقابلو ڪيو، آپگهاتي حملي ۾ ايف سي جا 03 اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن. اسپتال جي ذريعن مطابق حملي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. حملي ۾ 2 اهلڪار ۽ 3 شهري زخمي ٿيا آهن، سمورن زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي ۽ سندن حالت بهتر آهي .ڊپٽي ڪمانڊنٽ فيڊرل ڪانسٽيبلري جو چوڻ آهي ته قانون لاڳو ڪندر ادارن جي اهلڪارن علائقي جو ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي ۽ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.

ايف سي هيڊ ڪوارٽر تي حملو ڪندڙ ٽنهي دهشتگردن جي سڃاڻپ ٿي وئي
ايف سي هيڊ ڪوارٽرز تي حملو ڪندڙ دهشتگردن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب ايف سي هيڊ ڪوارٽرز تي حملو ڪندڙ ٽئي دهشتگرد افغاني هئا. جن کان هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ آيو آهي.پوليس رپورٽ موجب هڪ آپگهاتي حملو ڪندڙ پنڌ هلندي سنهري مسجد روڊ طرفان ايف سي هيڊ ڪوارٽرز جي مرڪزي گيٽ جي سامهون پهتو آپگهاتي حملو ڪندڙ چادر پائي رکي هئي.رپورٽ موجب آپگهاتي حملو ڪندڙ مرڪزي گيٽ جي نالي تي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، مرڪزي گيٽ تي ٿيل آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 اهلڪار ٿڏي تي شهيد ٿي ويا.پوليس موجب ڌماڪي سبب مرڪزي گيٽ کي نقصان نه پهتو. ڌماڪي جي فوري بعد شلوار قميص پاتل ٻن حملي آورن سائيڊ گيٽ کان ايف سي هيڊ ڪوارٽرز ۾ داخل ٿيا، ٻنهي آپگهاتي حملو ڪندڙن وٽ رائفلز ۽ هينڊ گرنيڊ به هئا.پوليس رپورٽ موجب آپگهاتي حملو ڪندڙ اندر داخل ٿيڻ کان پوءِ کاٻي طرف مڙيو ۽ موٽر سائيڪل اسٽينڊ پهتو. آپگهاتي حملو ڪندڙن فائرنگ ڪئي ۽ جوابي فائرنگ ۾ مارجي ويا، دهشتگردن کي مرڪزي گيٽ جي 30، 40 ميٽرز جي اندر ئي ماريو ويو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته دهشتگردن جو مقصد ماڻهن کي يرغمال بنائڻ هو. ايف سي هيڊ ڪوارٽرز ۾ اعليٰ آفيسر ويٺل آهن ۽ نفري به وڌيڪ هوندي آهي. ايف سي هيڊ ڪوارٽرز ۾ پريڊ به ٿي رهي هئي. ايف سي هيڊ ڪوارٽرز کي ڪليئر ڪيو ويو آهي.ياد رهي ته اڄ صبح پشاور ۾ ايف سي هيڊ ڪوارٽر تي 3 آپگهاتي بمبارن حملو ڪيو هو، هڪ دهشتگرد پاڻ کي مرڪزي گيٽ تي اڏائي ڇڏيو جنهن کان پوٰءِ 2 دهشتگرد اندر داخل ٿيا.پوليس ۽ ايف سي اختيارين موجب اندر داخل ٿيندڙ دهشتگردن کي ايف سي اهلڪارن فائرنگ ڪري ماري ڇڏيو. آپگهاتي ڌماڪي ۾ 3 ايف سي اهلڪار شهيد ٿيا جڏهن ته 3 اهلڪارن سميت 10 ڄڻا زخمي به ٿيا جن کي ليڊي ريڊنگ ۽ خيبر ٽيچنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.وزيراعظم شهباز شريف، گهرو وزير محسن نقوي ۽ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير سهيل آفريدي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي جڏهن ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير آءِ جي پختونخواهه ذوالفقار حميد کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو