پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور جي باچا خان ايئرپورٽ ڪسٽم اختيارين 2 لک 29 هزار 500 ريال ٻاهرين ملڪ کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪندڙ مسافر کي گرفتار ڪري ورتو. ڪسٽم عملدارن پرڏيهي ڪرنسي هٿ ڪري جوابدارن خلاف وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.ٻئي طرف حڪومت ڊالر، کنڊ، ڀاڻ ۽ پيٽروليم شين جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ ايف آءِ اي کي اختيار ڏئي ڇڏيا آهن.ايف آءِ اي سمورن ايگزٽ ۽ انٽري پوائنٽس تي ڊالر ۽ ٻين پرڏيهي ڪرنسي جي اسمگلنگ تي عمل ڪري سگهندي.ايف آءِ اي ذريعن موجب ڪريڪ ڊائون لاءِ 3 ٽيمون جوڙيون ويون آهن.










