پرٿ ٽيسٽ، چانهه جي وقفي تي 2 وڪيٽن جي نقصان تي 210 رنسون

پرٿ ٽيسٽ، چانهه جي وقفي تي 2 وڪيٽن جي نقصان تي 210 رنسون

پرٿ (ويب ڊيسڪ)پرٿ ٽيسٽ جي ٻئي سيشن ۾ پاڪستان 2 آسٽريلوي رانديگرن کي آئوٽ ڪري ڇڏيو.آسٽريليا جي پهرين وڪيٽ 29.4 اوورن ۾ 126 رنسن تي ڪري پئي جڏهن شاهين آفريدي 41 رنسن تي وڪيٽ جي پويان عثمان خواجه کي ڪيچ آئوٽ ڪري ڇڏيو.فاسٽ بالر فهيم اشرف 37.1 اوورن ۾ 159 رنسون ڏئي ٻي وڪيٽ ورتي، مارنز لبوشين 16 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.ٻي وڪيٽ گرڻ کانپوءِ اوپنر ڊيوڊ وارنر رنسن جو سلسلو جاري رکيو ۽ 125 بالن تي هڪ ڇڪي ۽ 14 چوڪن جي مدد سان پنهنجي ڪيريئر جي 26هين سينچري اسڪور ڪئي.راند جي پهرين ڏينهن چانهه جي وقفي تي آسٽريليا 2 وڪيٽن جي نقصان تي 210 رنسون ٺاهيون، ڊيوڊ وارنر 111 ۽ اسٽيو سمٿ 21 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.پهرين سيشن ۾ آسٽريليا پاڪستان کي بنا ڪنهن وڪيٽ جي نقصان تي 117 رنسون ٺاهيون.آسٽريليا ٽاس کٽي پاڪستان خلاف پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.ٽاس جي موقعي تي ڳالهائيندي قومي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود چيو ته جيڪڏهن هو ٽاس کٽي ها ته پهريان بيٽنگ ڪري ها.هن چيو ته آسٽريليا خلاف پهرين ميچ ۾ اسان جي ٽيم ۾ ٻه رانديگر ڊيبيو ڪري رهيا آهن.ان کان اڳ عامر جمال ۽ خرم شهزاد کي ٽيسٽ ڪيپ ڏنيون ويون، شاهين آفريدي ۽ حسن علي رانديگرن کي ٽيسٽ ڪيپ ڏنيون.

پهنجو تبصرو موڪليو