پريميئم نمبر پليٽس جي نيلامي جي تقريب سڀاڻي ٿيندي

پريميئم نمبر پليٽس جي نيلامي جي تقريب سڀاڻي ٿيندي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پريميئم نمبر پليٽس جي نيلامي جي تقريب اڄ ڪراچي ۾ ٿيندي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته پريميئم نمبر پليٽن جي نيلامي جي تقريب ٿيڻ واري آهي ۽ نيلامي مان حاصل ٿيندڙ رقم ٻوڏ متاثرن لاءِ هائوسنگ پروجيڪٽ کي ڏني ويندي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته نيلامي جو مقصد قدرتي آفتن کان متاثر ماڻهن جي مدد ڪرڻ آهي، هن چيو ته نيلامي هڪ سيڙپڪاري ۽ هڪ اهم انساني مقصد ۾ حصو وٺڻ جو هڪ موقعو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو