پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندي هئس ان ڪري ڌيءَ کي جنم ڏنم

پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندي هئس ان ڪري ڌيءَ کي جنم ڏنم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز جي مشهور اداڪاره ۽ ميزبان ناديه خان جو چوڻ آهي ته مان بلڪل اڪيلي هئس جڏهن منهنجي ڌيءَ عليزي پيدا ٿي، مان چاهيندي هئس ته ڪو منهنجي ويجهو هجي جيڪو مون سان ائين ئي بي لوث محبت ڪري جهڙي مان پنهنجي آس پاس جي ماڻهن سان ڪندي آهيان. ناديه خان جو شمار جديد طرز جي مارننگ شوز جي باني شخصيتن ۾ ڪيو ويندو آهي. هن پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ ڪيترائي لاهه چاڙهه ڏسڻ باوجود ڪڏهن همت نه هاري. طلاق جي ڏکئي مرحلي مان گذرڻ کانپوءِ هوءَ ڪيترن ئي سالن تائين ‘سنگل مدر’ (اڪيلي ماءُ) رهي. اداڪاره کي پهرين شادي مان ٻه ٻار، عليزي ۽ اذان آهن.تازو ئي ناديه خان هڪ نجي ٽي وي پروگرام ۾ خانداني منصوبابندي ۽ ٻارن جي پرورش بابت ڳالهه ٻولهه ڪندي پنهنجي جذبات تي ضابطو رکي نه سگهي. هن ٻڌايو ته جيتوڻيڪ منهنجي ازدواجي زندگي مشڪلاتن جو شڪار هئي، تنهن هوندي به مون رشتو نڀائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. بعد ۾ مون طلاق وٺي ڇڏي ۽ پنهنجي ٻنهي ٻارن جي ڪامياب نموني سان پرورش ڪئي. ان کان علاوه مون هڪ پٽ، ڪيان کي گود به ورتو جيڪو منهنجي زندگيءَ جو نهايت اهم حصو آهي. ڳالهه ٻولهه دوران پنهنجي ٻارن جي منصوبابندي بابت يادون تازيون ٿيڻ تي ناديه خان جذباتي ٿي وئي ۽ انڪشاف ڪيائين ته مون پنهنجي پهرين ڌيءَ کي ان ڪري جنم ڏنو ڇو ته مان پاڻ کي تمام اڪيلو محسوس ڪندي هئس ۽ چاهيندي هئس ته منهنجي زندگيءَ ۾ ڪو اهڙو هجي جيڪو مون کي بي لوث محبت ڏئي. هن چيو ته هاڻوڪي نسل بهترين ۽ خوش نصيب آهي، گذريل نسل جي ڪجهه روايتي قدرن عورتن جي سوچ کي متاثر ڪيو. اسان جي دور ۾ عورتن کي اهو ذهن ۾ ويهاريو ويندو هو ته ٻار پيدا ڪرڻ سان ازدواجي رشتو مضبوط ٿي ويندو آهي، ان ڪري ئي ڪيتريون ئي عورتون ناخوشگوار شادين جي باوجود رڳو رشتو بچائڻ جي خاطر ٻارن کي جنم ڏينديون هيون. اداڪاره اهو به چيو ته اسان جي نسل ٻين کي خوش رکڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجي خوشين ۽ خواهشن کي قربان ڪري ڇڏيو، پر هاڻي احساس ٿئي ٿو ته اها سوچ درست نه هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو