ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 11 ڪروڙ 50 لک پاڪستانين جي حساس ڊيٽا ڊار ويب تي وڪرو ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران حڪومتي وڪيل جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري ورتي.جي آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت جواب جمع نه ڪرايو، جنهن تي عدالت لاڳاپيل اختيارين کان 15 ڏينهن ۾ تفصيلي جواب طلب ڪري ورتو.درخواستگذار جي وڪيل جو چوڻ آهي ته سيڪريٽري آءِ ٽي اينڊ ٽيلي ڪميونيڪيشن کان جواب طلب ڪرڻ ضروري آهي. وفاقي حڪومت قانون سازي ۾ مسلسل دير ڪري رهي آهي، اڃا تائين ڪا به قومي سائبر پاليسي ناهي. پاڪستان ۾ سائبر سان لاڳاپيل 4 وڏا واقعا ٿي چڪا آهن، پرنسپل ڊيٽا پروٽيڪشن بل 2023ع اسيمبلي ۾ آندو ويو.عدالت هدايت ڪئي ته بل منظور ٿيو يا نه ان جا تفصيل به پيش ڪيا وڃن.درخواستگذار جي وڪيل چيو ته پاڪستانين جي ڊيٽا ڊريڪ ويب تي 2.1 ارب ڊالرن ۾ وڪرو ڪئي وئي.










