پاڪستاني بندرگاهن تي ڀارتي جهازن جي داخلا تي پابندي

پاڪستاني بندرگاهن تي ڀارتي جهازن جي داخلا تي پابندي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان هندستاني جهنڊي وارن جهازن جي پاڪستاني بندرگاهن ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي،بحري معاملن واري وزارت موجب، پاڪستاني بندرگاهن ۾ هندستاني جهنڊن وارن جهازن جي داخلا تي فوري طور تي پابندي لڳائي وئي آهي.بحري معاملن واري وزارت موجب، ڪو به پاڪستاني جهنڊي وارو جهاز هندستاني بندرگاهن تي لنگر انداز نه ٿيندو.بحري معاملن واري وزارت فيصلي جو باضابطه حڪم جاري ڪيو.،ياد رهي ته ڀارت اڳ ۾ پاڪستان کان سڀني سڌي ۽ اڻ سڌي درآمد تي پابندي جو اعلان ڪيو هو، اهو به فيصلو ڪيو ويو ته هندستان کي پاڪستان کان ڪو به خط يا پارسل نه ملندو ۽ ڪو به جهاز جيڪو پاڪستاني جهنڊو کڻي اڏامندو، ڪنهن به هندستاني بندرگاهه تي نه لنگرانداز نه ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو