پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو امڪان

پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو امڪان

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. اسرائيل ايران جنگ سبب عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن جي ڪري پاڪستان ۾ به قميتن ۾ اضافي جو امڪان آهي.اسرائيل جي ايران تي حملي کان پوءِ عالمي منڊي ۾ پيٽرول جي قيمت 71.81 ڊالر في بيرل مان وڌي 73.79 ڊالر ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 76.14 ڊالر مان وڌي 78.68 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي.بزنس رڪارڊ موجب ماهرين جو چوڻ آهي ته 16 جون 2025 کان پيٽرول جي قيمت ۾ 4.38 روپيه في ليٽر ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 5.02 روپيه في ليٽر اضافو ٿي سگهي ٿو.موجوده اندازن موجب پيٽرول جي لاڳت 137.02 روپين مان وڌي 141 روپيه في ليٽر ۽ ڊيزل 140.92 روپين مان وڌي 145.58 روپيه في ليٽر ٿيڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو